عبدالحسين جعفري

عبدالحسين جعفري: عبدالحسين جعفري 1915ع ڌاري خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. تعليم بمبئي يونيورسٽي ۽ عليڳڙهه يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري هي خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هي ڪجهه عرصو انگريزي ٽيچر ٿي رهيو. ان کانپوءِ هي خيرپور رياست جو اسسٽنٽ آڊٽ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي رياست جو جنرل آڊيٽر ٿيو ۽ ون يونٽ ٿيڻ بعد کيس آڊيٽر جنرل سنڌ زون ۽ مغربي پاڪستان مقرر ڪيو ويو ۽ پراجيڪٽ ڊپٽي اڪائونٽنٽ واپڊا مغربي پاڪستان ٿيو، اتان ترقي ڪندي پنجاب جي فنانس ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ون يونٽ ختم ٿيڻ بعد صوبي سنڌ ۾ فنانس ايڊوائيزر رورل پيپلز ورڪس ڊپارٽمينٽ مقرر ٿيو ۽ گڏوگڏ آخري وقت تائين ان عهدي تي فائز رهيو. عبدالحسين جعفري 19 مارچ 1975ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالحسين جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو